اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ا??ب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ ر??ين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سي??يٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ ت??ليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ا??ب رپيا رکيا آهن ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن.