اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي ه??ڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کا??پوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 ڪشميري سياسي پارٽين کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي. ترج??ان چيو ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترج??ان چيو ته ڀارت ڪالعدم ڪشميري پارٽين تان پابن??يو?? فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.