ا??لا?? آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين، مسلمان امت سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ هن چيو ته انشا??َ الله او آءِ سي ڪانفرنس ڪاميابي سان همڪنار ??ين??ي. پاڪستان جا حاسد او آءِ سي ڪانفرنس ڪامياب ??ين??ي نه ٿا ڏسڻ چاهين. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اڃا به او آءِ سي ڪانفرنس ڪرڻ ک?? ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيو آهي. الله جي مدد شامل آهي انشا??َ الله او آءِ سي ڪانفرنس ضرور ڪامياب ??ين??ي. ڀارت کي خدشو آهي ته پاڪستان ان ڪانفرنس م ڪشمير مسئلي کي اٿاريندو. هن چيو ته اسان کي هن ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جو ڌيان ڪشمير جي خراب ??ين??ڙ صورتحال طرف ڇڪرائڻو آهي. بلاول ڀٽو کي او آءِ سي ڪانفرنس جي ايجنڊا کي خبر نه آهي. ڪشمير جي مسئلي کي هن ڪانفرنس ۾ جيڪا اهميت ڏني ويندي اها ماضي کان مختلف هوندي. شاهه محمود قريشي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني پرڏيهي وزير او آءِ سي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. چين مسلمان امت سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو.