اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ مظلوم ڪش??يرين جي بني??دي انساني حقن جي احترام ۽ آز??دي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خل??ف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪش??ير جي ڪاري ڏ??نهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪش??ير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خل??ف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪش??ير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.