اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پ?? پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي لٽڪائڻ جي پ??را کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خاص عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ و??ار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي ت?? و??اقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ججن اختلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون وار?? و??اقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.