اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود اح??سابي جو روشن مثال قائم ڪيو، حڪومت تي وار ??رڻ بدران مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ ??ان ڀريل آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قو?? اهو وقت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽيي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هو، اتي اهو شخص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪندا هئا.