اسلا?? آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت وار?? خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بازارن ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه پيون ڪيون وڃن. اسلا?? آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پاڪستاني شايد سمجهي رهيا آهن ته ڪ??رونا وائرس رڳو عيد تائين هو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪ??ون ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مان ڪورونا وائرس ڪڏهن ختم ٿ??ندو ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪ??ون ته تمام وڏو سانحو پيدا ٿي سگهي ٿو.