اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر جي صد??رت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته ??ور?? پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. ??سد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد ت?? تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد ت?? ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ??سد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.