اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??فغ??نستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به ??فغ??ن صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن ??فغ??نستان ۾ ڪورونا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو ??ندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ??فغ??ن صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن ??فغ??ن امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??فغ??نسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي ??وج??ده رفتار کي آمريڪا ??ال??ان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين ال??فغ??ن ڳالهيون ج??د شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.