اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آه?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي س??ن آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي س??ن شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ۾ ڇ??تي جي ڪينسر جي حوالي س??ن آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروع??تي مرحلي ۾ ٿي وڃ?? ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهم??ت کي سمجهڻو پوندو.