اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪسين جي خريداري جي ڏس ۾ 15 ڪروڙ ڊالر جي فني ضمني گرانٽ جي اص??لي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ويڪسين جي پهرين کيپ 5 سيڪڙو آباد يعني عوام ۽ فرنٽ لائين جي ورڪرن ۽ 65 ??ال کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي فراهم ڪئي ويندي، ان انتظام تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين ڏني ويندي، اجلاس ۾ جنوري کان جون 2021ع تائين جي توسيع مدي ۾ گروپ 20 ملڪن جي قرضن ??ي سهولت جي قدمن لاءِ باضابطه درخواست ڏيڻ جي ڏس ۾ اقتصاد?? معاملن واري وزارت جي درخواست جي منظوري به ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪيتي جو اجلاس هتي وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، اقتصاد?? معاملن واري وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پيٽروليم واري صلاحڪار نديم بابر ۽ وزيراعظم جي روينيو وارو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود شرڪ?? ڪئي،