اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ??و سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مشڪل ترين وقت ۾ معاشي ڪارڪردگي جي پذيرائي ٿي رهي آهي جنهن ??و سهرو معاشي ٽيم کي وڃي ٿو، خدا جو شڪر آهي ملڪ مشڪل وقت نڪري آيو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ترقي جون راهون کولڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي ڪم ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار ??ن معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪدي ڪيو.