اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان جي اداري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي ??ي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ??ارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳاله??ئي??دي ڪيو. آ??يٽ?? جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊي??نل آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان جي اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.