گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ملڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ??وه??ري آهن، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ان ??ان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، انهن قومن جي تباهي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، منهنجي تربيت چورن جي خلاف جدوجهد جي آهي ۽ ان ??دوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلتستان ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کان پئسا وٺڻ بدران ??ن کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلتستان لاءِ 370 ارب روپين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، اسڪردو ايئرپورٽ کان ??المي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان ??ي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته گلگت بلتستان ??ي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته جنهن سان هتي ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان ??ون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کان فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ??ن جي باوجود گلگت بلتستان لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته جڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هتي جو دورو ڪيو هتي جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪستان ??ميت دنيا جو ان ??ان ??ابطو نه هو، هي علائقو دنيا کان ڌار هو، هتي هاڻي به رستا خطرناڪ آهن اسان ??نهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون سوئٽزرلينڊ سم??ت دنيا جي خوب??ور?? علائقا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلتستان ??نهن کان گهڻو خوب??ور?? آهي، هتي دنيا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خوب??ور?? آهن، جڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هتي وٺي آيس مون هتي جي خوب??ور??ي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان ??ان ??نيا کي ان ??لائقي جي خوب??ور??ي کان ??گاهي ٿي. هن چيو ته مون تڏهن اهو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ان ??لائقي نه پر پوري پاڪستان ??ي خدمت ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سندن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سندن جائيدادون اتي هيون، اهي هن علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيراعظم چيو ته ان ??لائقي ۾ انڊسٽريل زورن کان وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هتي جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هتي فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺاهي سگهجن ٿا، هتي سياحت ۾ سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن، هي علائقو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڏو آهي، هتي خوب??ور??ي وڌيڪ آهي.