جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان جي ول?? عهد شه??اده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير شه??اده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمر??ن خان ۽ ول?? عهد شه??اده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي عرب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير جده ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي س??ن خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.