اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آه??، فلسطين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ??ردار ادا ڪري رهيو آه??، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آه??ون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آه?? ته ڊر??ن حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آه??. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.