اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، اسان کي چئلينج درپيش آهن پر تر??ي ۽ خوشحالي جا زبردست موقعا موجود آهن، ڪ??رو??ا سبب متاثر اسرندڙ ملڪن جي معيشتن جي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن، تر??ي يافته ۽ اسرنڊر معيشتن جي وچ ۾ ڊجيٽل فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، پائيدار تر??ي ۽ 2050ع تائين ڪاربن جي مڪمل اخراج جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائماليون بند ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، فلسطين جي صورتحال هر هڪ جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قرارادان ۽ ٻه رياستي نظريي تحت منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، جيستائين هن خطي ۾ پراڻي ۽ ٻين تڪرارن کي حل نٿا ڪريون تر??ي جي امڪانن مان ان وقت تائين لاڀ نٿا پرائي سگهون، افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي. هو ايشيا جي مستقبل جي موضوع تي 26هين ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان ڪانفرنس کي خطاب سندس لاءِ اعزاز آهي، ايشيا دنيا جي آبادي جو اڌ آهي، ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، هي اهو مقام آهي جتي گذريل 50 سالن ??وران انتهائي فعال معاشي واڌ، ٽيڪنالاجي ۾ تر??ي، سماجي تبديلي، صنعت ۽ حرفت ۾ تر??ي ۽ انساني تر??ي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ايشيا ۽ دنيا اهم موڙ تي آهن، اسان کي غير معمولي چئلينج درپيش آهي، پر اسان وٽ تر??ي، خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا به موجود آهن. هن چيو ته هن وقت اسان جي پهرين ترجيح ڪووڊ 19 جو مقابلو ۽ ان تي ضابطو آڻڻ آهي، ان وبا گذريل سئو سالا صحت، معيشت ۽ سماجي حوالي سان بدترين بحران پيدا ڪيو آهي، ان وائرس ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ان سبب فوت ٿيا، معاشي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي، غربت ۾ اضافو ٿيو ۽ بدترين ڳالهه اها آهي ته بي روزگاري ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ان وائرس تي جيستائين مڪمل ڪنٽرول نٿو ٿئي اهو معاشرتي انتشار ۽ ايشيا ۽ دنيا ۾ ڪٿي به امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته بدقسمتي سان ان سان ڪو به ان وقت تائين محفوظ نه هوندو جيستائين هر ڪوئي محفوظ نه ٿئي، اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لازمي طور تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪووڊ ويڪسين هر هڪ کي جلد کان جلد هر جڳهه دستياب هجي، ويڪسين جي فراهمي ۽ ورهاست کي فوري طور تي وڌايو وڃي، حقوق دانش معاف ڪيا وڃن، اسرندڙ دنيا سميت ان جي پيداوار وڌائي و??ي ۽ ويڪسين جي سهولت کي سگهه ڏني و??ي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ان وائرس غريب ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ان جي اثرن سان مقابلي لاءِ ضروري آهي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۽ ٻين مالي پريشاني جو شڪار ملڪن کي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن.