اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي نئ??ن چونڊيل ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف عل??ي نئ??ن چونڊيل ايراني صدر جي نالي مبارڪباد جو خط موڪليو آهي. صدر نئ??ن چونڊيل صدر ۽ ايراني عوام کي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ايراني عوام امن، استحڪام ۽ خو??حا??ي جي لاءِ توهان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، اميد آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.