اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خط?? جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداس??ن. ??هڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاق??ت دوران ڪيو. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاق??ت دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خط?? جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خط?? جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداس??ن. ??ن موقعي تي چيني سفير چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.