اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهش??ند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سيا??ي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سيا??ي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عم??ان خ??ن دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پا??ان ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهش??ند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستا?? کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم عم??ان خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.