اسلام آباد -12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي ??ان جامع ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ ??وم?? سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ??ان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته ا??ان هن ڊوزيئر ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، ا??ان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت سرڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصل?? ڪيو آهي. انساني حقن جي خلاف ورزي والاريل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کان هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آهي انهن پائمالين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آهن. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين ??يپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ته ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين ??ي بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو. سندس پونئرن کي جنازي ۾ شرڪت کان محروم رکيو ويو. عالمي ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه ٿي ڏني وڃي. انسانيت کي ان انداز ۾ پائمال ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، ان لاءِ ا??ان اڄ هي ڊوزيئر سامهون آڻڻ جو فيصل?? ڪيو آهي. شاه محمود قريشي چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊوزيئر جا 3 باب آهن. پهرين ??اب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ته ٽئين ??اب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت جي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ته ان ۾ 113 حوالا موجود آهن جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کان ۽ 41 حوالا ڀارت جي ٿنڪ ٽينڪ کان ورتا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جا صرف 14 حوالا آهن. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آهي. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن بابت آهن. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر ۽ ٻين ??ينئر آفيسرن جو ذڪر آهي جيڪي انساني حقن جي پائمالين ۾ سڌي ريت ملوث رهيا آهن. انهن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته هن ڊوزيئر ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آهي. هڪ لک کان وڌيڪ اهڙين ??اين ??و ذڪر آهي جن کي ساڙيو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آهي. ڪشميرين ??ي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي ??ان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ صحافين کي ڀارت سرڪار طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالن تي ٻڌل ويڊيوز ڏيکاريون ويون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي ملڪ انساني حقن جو علمبردار هجڻ جا دعويٰ ڪن ٿا پر والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ??لاف ورزيون ۽ بيگناهه ڪشميرين ??ي ظلم تي خاموش آهن. انساني حقن جو تحفظ عالمي ادارن جي ذميواري آهي. گڏيل ??وم?? ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺندي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. شاه محمود قريشي ڀارت تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي انساني حقن جي پائمالين کي بند ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي پهچ ڏئي. هن چيو ته فاشسٽ پاليسيون خطي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيون آهن، ا??ان کي ان حوالي ??ان عالمي ضمير کي جاڳائڻو آهي. ڪشمير تڪرار جي حوالي ??ان پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر پنهنجي پنهنجي پاڪستاني دورن دوران پنهنجن بيانن ۾ ڪشمير جي حوالي ??ان گڏيل ??وم?? جي موقف کي ورجايو. هيومن رائيٽس ڪائونسل جون هڪٻئي پٺيان ٻه رپورٽون سامهون اچڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون. ان کان سواءِ هائوس آف ڪامنز سميت عالمي پارليامان ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هيومن رائيٽس ڪائونسل هڪ باوقار فورم آهي، ا??ان کي ان سميت ٻين ??هم فورمز کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. ا??ان عالمي آبزرورز کي آزاد ڪشمير وٺي وياسين ??ڏهن ته ڀارت انهن کي پهچ نه ڏني. اڄ ميڊيا عام راءِ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ عالمي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ڏانهن عالمي برادري جي توجهه ڇڪرائي. هن چيو ته سوشل ميڊيا به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت اندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت اندران پڻ آواز اٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميرين ??ي قربانيون ضايع نه وينديون، ا??ان هن ڊوزيئر کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آهن، والاريل ڪشمير ۾ يورپي يونين ??رفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، ا??ان عالمي انصاف واري عدالت کان جنگي ڏوهن جي حوالي ??ان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت جي انساني حقن بابت پائمالين کي وڌيڪ اٿارينداسين. شيرين مزاري چيو ته ڀارت طرفان جنسي ڏاڍائي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت کي هن وقت گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سونپي وئي جڏهن ته اهو انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ۾ ملوث ٿي رهيو هو. ان موقعي تي ??وم?? سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪو به ڀارت جي ڏوهن تي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت جون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون. اي يوڊس انفوليب جي رپورٽ جو پڌرو ٿيڻ ان تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ا??ان نومبر 2020ع ۾ جيڪو ڊوزيئر ڏنو ڪنهن به ان ۾ ڏنل معلومات ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي دستاويزي ثبوتن کي چئلينج نه ڪيو. هن چيو ته اهو ڊوزيئر سيد علي گيلاني مرحوم کي خراج عقيدت آهي ڇاڪاڻ ته ان جي سموري زندگي ان جدوجهد ۾ گذري.