اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪس??ان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آ??ند?? قرار ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانس??ان نه رڳو پاڪس??ان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغانس??ان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانس??ان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.