اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪست??ن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم تح?? پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پاڪست??ن پروگرام جو حصو آهي.