اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا به فراهم ڪري سگهجن. معياري تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ملڪ جي فني ۽ صنعتي ترقي سڌو سنئون تعليم جي معيار سان ڳنڍيل آهي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وجهڻ لاءِ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سيد س??نٽ?? فار ايڊوانسڊ اس??يڊيز ان انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اس??ام آباد جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سر سيد س??نٽ?? فار ايڊوانسڊ اس??يڊيز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شفاعت احمد صدر کي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد تعليم جي فروغ ۾ پنهنجي اداري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سر سيد س??نٽ?? فار ايڊوانسڊ اس??ڊيز انجنيئرنگ، مينيجم??نٽ?? بزنس ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ بيچلرز کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين مختلف پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته في الحال 900 کان وڌيڪ شاگرد انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته هيستائين 3500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2017 کان يونيورسٽي مستحق شآگردن کي 54.3 ملين روپين جا وظيفا ۽ مالي امداد ڏني آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن ۾ تجزياتي ۽ منطقي سوچ ??ون مهارتون وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سر سيد احمد خان جي تعليم مستقبل ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڏئي سگهي ٿي. هن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه تي شاگرن جو تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي ورچوئل صلاحيت کي به وڌائڻ تي زور ڏنو، هن پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ تعليمي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين سان سهڪار جي ضرورت تي به زور ڏنو. صدر ملڪ ۾ فني ۽ آءِ ٽي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ سر سيد س??نٽ?? فار ايڊوانسڊ اس??يڊي جي ڪردار کي ??ار??هيو.