اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين س??نيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو آهي ته ان بل سان صحافين ??ي پهريون ڀيرو اهڙا حق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين ??ي حاصل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃ??ند?? چيو آهي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.