اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آ??اد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آ?? چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن ش??ڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي زمين تي ڪيا ويا آهن. ??اپ??ا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبا??ي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي ??طمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبا??ي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبا??ي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آ??اد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.