اسلام آب??د – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ هيري ريڊ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪ??و آهي. هيري ريڊ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري و??و آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سينيٽر هيري ريڊ جي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، هو پاڪستان جو تمام سٺو دوست هو. صدر ياد ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪ??شش جي سلسلي ۾ آمريڪا جي دوري تي وي?? هئا ته مرحوم سينيٽر وڏي شاندار انداز ۾ آمريڪي سينيٽرز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.