اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوماليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر صومالي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پ??را?? پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آه??، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صومالي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آه?? ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آه??. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ک?? فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي س??را??يو.