اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿ??ندڙ گئس جي ذخيرن مان عوام کي گئس جي فو??ي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فو??ي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي ع??ائقن مان دريافت ٿ??ل گئس فو??ي طور تي ع??ام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي ع??ائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿ??ا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿ??ندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي ع??ام کي به دريافت ٿ??ل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي ع??ام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.