حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به ??شم??رين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ??مشنر ون حيدرآباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ حيدرآباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي تي پهتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ??شم??ري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ??شم??ري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو ??هي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ ??هي جيڪو بيگناهه ??شم??ري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ??شم??ر پاڪستان جو حصو ??هي ۽ اهو ڏينهن پري نه ??هي جڏهن ??شم??رين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ??شم??ري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ??پٽي ڪمشنر حيدرآباد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ??ائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب ال??مان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم ال??ين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.