دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفيشل مئ?? بال ”الريحلا“ پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي روڊ ڪپ جي تياري?? بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزيراعظم کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تياري?? بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستانين کي ان حقيقت تي فخر آهي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفيشل مئ?? بال پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي.