اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپ??ار?? تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپ??ار?? ۾ قطر جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپ??ار?? تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ ??وا??شن جو اظهار ڪيو. سفير مه??ان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ۾ سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مه??ني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.