اسلام آباد-19 جون (اي پي پي)سينيٽ ۾ بجيٽ 24-23ع لاءِ 55 سفارشن جي منظوري ڏني وئي جيڪي قومي اسيمبليءَ ڏانهن موڪليون ويون آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سليم مانڊوي والا، سينيٽ جون بجيٽ سفارشون ايوان ۾ پيش ڪيون. سينيٽ طر??ان سفا??ش ڪئي وئي ته ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ ريٽيلرز ۽ برانڊز تي سيلز ٽيڪس جي شرح 15 بدران 12 سيڪڙو تي برقرار رکي وڃي. فائلرز لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ ٽرانزيڪشن تي هڪ سيڪڙو کان وڌائي 5 سيڪڙو ۽ نان فائلرز لاءِ 2 کان 10 سيڪڙو برقرار رکيو وڃي. ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ وٺندڙن لاءِ فني تربيت لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ان لائن بزنس ذريعي آمدني ڪمائي سگهن. ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي لاڳيتو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، خساري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ۽ پي آءِ اي پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن سالن کان وڏي خساري جو شڪار ادارن جي نجڪاريءَ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي. روانگي واپار واري صنعتن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وڃي ۽ کين گيس فراهم ڪئي وڃي. سڌيءَ ريت غير ملڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ ٽيڪس فري زون بڻايو وڃي. ٻج، ڀاڻ، شمسي توانائي جي اوزارن ۽ روزمره جي استعمال جي شين، کاڄري تيل تي سبسڊي جو طريقو جوڙيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽورز تي سمورين شين جي سستي دستيابي يقيني بنائي وڃي. 24-23ع جي بجيٽ ۾ نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام لاءِ فنڊ رکيا وڃن. صحت جي شعبي لاءِ فنڊز وڌايا وڃن. لا?? ٽينس ريڪٽس، بيڊمنٽن ريڪٽس، اسڪوائش ريڪٽس، لا?? ٽينس بال، اسڪوائش بالز، ٽيبل ٽينس بالز، بيڊمنٽن شٽل ڪاڪس ۽ باسڪيٽ بال جي آمدني واپار تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي آهي ته 2015ع کان لاڳو سپر ٽيڪس ختم يا واپس ورتو وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي آهي ته ڪمپني بئنڪنگ اڪائونٽ اڳواٽ نوٽيس کان سواءِ بلاڪ نه ڪيو وڃي. انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس جي ري فنڊ ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته 2 ڪي وي جي جنريٽرز کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 5 سيڪڙو جي شرح سان ان پٽ ٽيڪس قابل واپسي هئڻ گهرجي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي جي شيئرز جي وِڪري کي ڪيپيٽل گي?? ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ جي شعبي جي ترقيءَ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. ملڪ ۾ هنر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته بجلي بلن ۾ وصول ٿيندڙ ٽي وي فيس 35 رپين مان وڌائي 50 رپيو ماهوار ڪئي وڃي ۽ اضافي 15 رپيا ريڊيو پاڪستان کي مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته بلوچستان روينيو اٿارٽي جي سهڪار سان سي او پي ايڇ سي جي ٽيڪس جي ڇوٽ جي تجويز تي غور ڪيو وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته گوادر کي ٽيڪس فري زون قرار ڏنو وڃي ۽ گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ بقايا فنڊز جاري ڪيا وڃن. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته لوڪل اسڪريپ جي خريداري جي ادائگيءَ لاءِ اسٽيل ملز کي اج??زت ڏيڻ گهرجي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته اسڪريپ جي سپلاءِ ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري 0.25 سيڪڙو ڪئي وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ روانگي واپار جي شعبي کي ريجنل ڪمپيٽيٽو انرجي ٽيرف لاءِ 104 ارب رپيا رکيا وڃن. جوسز انڊسٽري لاءِ فيڊر?? ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته ايگريڪلچر اسپري مشينن کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. تربيتي مقصدن لاءِ درآمدي جهازن تي 5 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي. سينيٽ سفا??ش ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مناسب فنڊز رکيا وڃن.