اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان چئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي ان معامل?? تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عمل?? تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي و??يراعظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي و??ڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ س?? جي سيڪريٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عمل?? تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معامل?? تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي و??يراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ س?? جي سيڪريٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمت?? جي ڪڌي و??قعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻت?? جي حمايت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ س?? جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل ان معامل?? تي خاص طور تي او آءِ س?? جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.