اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي ح??مي شڪل ڏي?? جي لاءِ اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر ۽ اسلام?? ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي ح??مي شڪل ڏي?? جي لاءِ اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪ?? ڪندي چيو ته پاڪستان اسلام?? ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلام?? ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.