اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ ??رف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتح??ني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ??وبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالي??ني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ ??رف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتح??ني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ??وبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد ??لي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا ??هن?? جلد ڪو حل ڪڍنداسين.