لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحالي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري، مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جو صدر ڪاشف انور، مس فريحه يونس، شميم اختر، ميان جبار ??الد، خادم حسين، محمد فهيم يوسف، راجا حسان اختر، عمر داد آفريدي ۽ شاهد خليل به موجود هئا. صدر واپارين تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي بحالي، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن. هن چ??و ته انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چ??و ته انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي سيشنز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن. صدر ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان ڳالهائيندي چ??و ته ذهني مرض کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گهر کان وٺي ڪم ڪار وارين جاين تي ٽريننگ جو خصوصي بندوبست ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ان مرض کان بچائڻ جي لاءِ آگاهي ڏئي سگهجي. تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار ??سڪولن کان ٻاهر آهن جنهن جي لاءِ هزارين اسڪولن جي ضرورت آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسڪول?? جون شفٽون وڌائڻ سان گڏوگڏ مسجدن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ جي حوالي سان صدر چ??و ته لاهور چيمبر جا ميمبر ان ڪم وارين جاين تي عورتن جي انگ ۾ اضافو ڪن. معيشت جي مختلف شعبن ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي تمام ضروري آهي ته جيئن ملڪي ترقي ۾ عورتون پنهنجو ڪردار ??دا ڪري سگهن. صدر کي ٻڌايو و??و ته لاهور چيمبر جا 32 هزار ميمبر آهن ۽ 25 سيڪڙو عورتن کي ملازمت ??ي فراهمي جو هدف پورو ڪيو ويو آهي. صدر چ??و ته لاهور چيمبر جي ميمبرن جي انفرادي ڪوششن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهجي ٿو. منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ به انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. لاهور چيمبر جي صدر ڪاشف انور صدر کي ٻڌا??و ته لاهور چيمبر جي انتظام هيٺ خصوصي ماڻهن جي بحالي لاءِ ليبارڊ جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ لک ماڻهن کي مصنوعي اوزار فراهم ڪيا ويا آهن. شرڪت ڪندڙن سماجي ۽ طبي مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي جذبي کي ساراهيو.