اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي پنجين اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم چيو آهي ته نگران حڪو??ت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن کي لاڳو ڪرڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پ??وگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي معاشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ س??ڙپ??اري جي فروغ جي لاءِ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ ع??ڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين س??ڙپ??اري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي ٺوس پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي مشاورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪو??ت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پ??وگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي.