اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پا??ستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمو??ن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پا??ستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وز??راعظم چيو ته پا??ستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪندو رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پا??ستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وز??راعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏ??ن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري سان مڪمل ڪندو. هن نگران حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وز??راعظم چيو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وز??راعظم سرحدن تي سل??مت?? جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وز??راعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگران وز??راعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وز??راعظم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وز??راعظم چيو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وز??راعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وز??راعظم چيو ته پا??ستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وز??راعظم چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته نگران حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وز??راعظم چيو ته پا??ستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وز??راعظم ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وز??راعظم پا??ستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته پا??ستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏ??ن ته اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.