نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت ج?? ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير منعقد اج??اس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ?? ڀر ۾ فلسطيني رياست ج?? قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اج??اس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اج??اس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اج??اس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.