اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پا??ستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??ار?? بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پا??ستان جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پا??ستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پا??ستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پا??ستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پا??ستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.