اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون، زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بل??چس??ان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي اڳڀرائي تي جائزه ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ نگران گهرو وزير، توانائي وارو نگران وزير، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وزير، صوبائي چيف سيڪ??يٽ??يز ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪ??يٽ??يز موجود هئا. ??جل??س ۾ نگران وزيراعظم کي مهم جي شروعات کان وٺي هيستائين جي نتيجن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ??جل??س کي مهم جي نتيجن جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته مهم ۾ 19415 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر کان هيستائين بجلي چوري جي خلاف 39836 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ بجلي چوري ۾ ملوث 189 سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.مردان ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي مهم سڀ کان وڌيڪ ڪامياب رهي جنهن ۾ بجلي چوري جي شرح 43 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تائين اچي وئي. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته مهم جي شروعات کان 30 سيپٽمبر تائين 14 ارب رپين جون وصوليون ڪيون ويون آهن. لاڳاپيل عملدارن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان پڻ نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري روڪڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بل??چس??ان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون.