اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولا??ا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولا??ا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حو??لي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آج??ان ڪئي. مولا??ا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولا??ا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي سارا??يو.