ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي انهن هيروز جي قربانين جي يا?? ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي م??املن واري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ نگران وزيراعظم شهيدن جي يا??گار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يا??گار گڏيل عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آهي. نگران وزيراعظم وحت الڪرامه جو تفصيل?? دورو ڪيو جتي کيس يا??گار بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نوٽ ڪيا، جنهن ۾ گڏيل عرب امارات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل عرب امارات جي شهيدنجي بهادراڻي قدمن ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي يا?? ۾ قائم ڪيو ويو هو.