ڪويت – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪويت پهچڻ تي ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاس??اد نگران وزيراعظم جو شاندا?? استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي ع??لدار پڻ موجود هئا. دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي ع??د شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح ??ان ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.