ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو اعليٰ ڪويتي قيادت سان ملاقات جي لاءِ البيان محل پهچڻ تي ش??ند??ر استقبال ??يو ويو. محل پهچڻ تي ڪويت جي اول نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم کي ڪويتي اميري گارڊ جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ??يو ۽ ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄايا ويا. ناڻي واري نگران و??اقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي وارو نگران و??اقي وزير محمد علي، واپار وارو نگران و??اقي وزير گوهر اعجاز، قانون، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي ذخيرن وارو نگران و??اقي وزير عرفان اسلم ۽ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ ه??ا.