اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ??ائ??يڪٽر جنرل سعيد احمد ش??خ جي والده جي لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعيد احمد ش??خ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چي?? ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چي?? ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد ش??خ جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعيد احمد ش??خ جي والده مرحومه جي آخرت جون منزلون آسان فرمائي. مرحومه جي روح کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.