اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ??اسٽ ڪيو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر ووٽ وجهڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ?? نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي راءِ گهري آهي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميواري آهي، آئُون پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ?? بيٺاسين ?? ووٽ ??نو. توهان سڀني کي به درخواست آهي ته ٻاهر نڪرو ۽ پ??هنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي راءِ جي جيتري ضروري آهي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.