اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي نون چو??ڊي?? ميمبرن کي ??لوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته نون چو??ڊي?? ميمبرن کي ??يانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن ۽ قوم کي ??رپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوام جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چو??ڊي?? اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين اسپيڪر لاءِ پنهنجي نيڪ تم??ائ?? جو اظهار پڻ ڪيو.