اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس منعقد ڪيو و??و جنهن ۾ سمورن رياستي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي عزم ورجاءُ ڪيو و??و جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي بشام ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وز??رن?? چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وز??رن?? چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي انسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پا??ست??ن ۾ ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪندڙ معصوم شهرين تي ڪڌي حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو پا??ست??ن ۾ توانائي ۽ پاڻي جي تحفظ جي حوالي سان آهي. وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ بيگناهه چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ان وحشياڻي فعل جي ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو و??ندو. وزيراعظم پا??ست??ن چين جي عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري جي پائيدار رشتي کي اجاگر ڪندي چيو ته پوري قوم چيني شهرين جي جانين جي زيان تي ڏکويل آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مقامي ماڻهن پاران حملي تي فوري ردعمل کي ساراهيو جنهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچايو و??و. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي خطرو آهي جنهن کي پا??ست??ن جي دشمنن پا??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، پاڪ چين دوستي کي نشانو بڻائيندڙن جي انهن قدمن جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. اجل??س جي شرڪت ڪندڙن ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙ سرحد پار دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ علائقائي موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ هٿياربند فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته قوم گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پا??ست??ن جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. آرمي چيف دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي اضافي جي حوالي سان چيو ته پا??ست??ن جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ پا??ست??ن جي عوام جي حوصلي ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف ان وقت تائين جنگ وڙهنداسين جيستائين پا??ست??ن، ان جي عوام ۽ هتي ڪم ڪندڙ غيرملڪي مهمانن تي بري نظر رکندڙ هر دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ته هر غيرملڪي شهري خاص طور تي چيني شهري جيڪي پا??ست??ن جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پا??ست??ن ۾ محفوظ رهن، اسان پوري طاقت سان دهشتگردي جو آخري دم تائين مقابلو ڪنداسين. اجل??س جي شرڪت ڪندڙن رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.